
وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) آبپارا ۾ ڇاپو هڻي جعلي رسولي اسٽيڪرز ۽ سرڪاري مهرن جي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو آهي.
ايف آءِ اي موجب، 22 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 16 خانگي ماڻهو ۽ پرڏيهي وزارت جا 6 آفيسر شامل آهن.
آبپارا پلازا ۾ ڪيترن ئي صلاحڪاري ۽ ڪوريئر آفيسن تي ڇاپي دوران جعلي رسولي اسٽيڪر ۽ سرڪاري مهرون هٿ ڪيون ويون
