
ڪراچي: پوليس کاتي ۾ سٺي ساک رکندڙ خادم حسين رند کي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب خادم حسين رند جي مقرري بابت سمري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري جي منظوري کانپوءِ خادم حسين رند جي بطور آءِ جي سنڌ پوليس مقرري جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
