
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس جو چوڻ آهي ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وزيراعظم کي سياسي اڳواڻن جي هڪ ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي ۽ حڪومت ۽ مخالف ڌر لاءِ ڳالهين جون ٽيمون ٺاهڻ گهرجن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو ته جيڪڏهن ٻنهي پاسن جون سياسي ڪميٽيون ويهن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن سياسي ماڻهو ويهن ته مسئلا ۽ معاملا حل ٿي ويندا.
علامه راجا ناصر عباس چيو ته حڪومت اڄ ويهڻ چاهي يا جڏهن به چاهي، اسان جي طرفان ڳالهين جا دروازا کليل آهن. دنيا جا وڏا مسئلا ڳالهين جي ميز تي حل ٿين ٿا.
