
لاهور ۾ چيئرنگ ڪراس تي پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي.
33 ڏينهن جو ڌرڻو بغير ڪنهن اعلان جي ختم ڪيو ويو آهي.
جماعت اسلامي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرين مارچ ڪراچي کان شروع ٿيندو، ۽ اهي ڪراچي کان ٽرين مارچ ۾ پوري طاقت سان شرڪت ڪندا. لاهور ۾ ڌرڻي جي جڳهه جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو
