
ڪراچي جي ڪلفٽن ٽين تلوار واري علائقي ۾ هڪ سپر مارڪيٽ مان پنجاهه لک رپيا چوري ٿي ويا.
ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته چوري ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد ملوث هئا، ۽ جوابدارن وٽ تالن جون چاٻيون هيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ٿيلهو کوليو ۽ 50 لک رپين کان وڌيڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.
