
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سياسي مسئلن جي سياسي حل لاءِ هر پارٽي کي هڪ قدم پوئتي هٽڻو پوندو.
جيو نيوز سان هڪ انٽرويو دوران بئريسٽر گوهر محسن نقوي سان ملاقاتن جي ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، پر هن وقت ماحول ٿڌو آهي ۽ ڪنهن به ڳالهه تي اتفاق نه ٿيو آهي.
