Image default
خصوصي رپورٽون

سنڌ ۾ ۾ سي اين جي/اي پي جي ڪٽس تي پابندي، فٽنيس ۽ روٽ پرمٽ لازمي قرار

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ٻن ٽن سالن دوران ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جن جو مقصد شهرين کي محفوظ، بهتر ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ننڍين ويگنن ۽ وينز بابت سنڌ حڪومت اهم قدم کنيا آهن، جن ۾ سڀ کان پهرين انهن گاڏين ۾ سي اين جي ۽ ايپل پي جي ڪٽس جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي ته جيئن امڪاني حادثن کان بچي سگهجي. هن چيو ته اهي گاڏيون نه صرف بين الاضلاعي ۽ اندرون شهر سفر لاءِ استعمال ٿين ٿيون بلڪه اسڪول ويندڙ ٻارن جي اچ وڃ لاءِ به استعمال ڪيون وينديون آهن، ان ڪري انهن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل گاڏين لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڊجيٽلائيزڊ فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ روٽ پرمٽ نظام به متعارف ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ گاڏين جو رڪارڊ هٿ سان رکيو ويندو هو ۽ روٽ پرمٽ سميت ٻين دستاويزن جو مڪمل رڪارڊ موجود نه هوندو هو، تنهن هوندي به گذريل هڪ سال دوران پوري نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي ٽرانسپورٽ فٽنيس ۽ روٽ پرمٽ جي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ وڏو ۽ انقلابي قدم آهي. سينئر وزير چيو ته حڪومت ٽرانسپورٽ قوانين تي عملدرآمد لاءِ سخت قدم کنيا آهن. اهڙيون گاڏيون جن جا ڪاغذ مڪمل نه هجن يا ڊرائيورن وٽ لائسنس موجود نه هجي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته فٽنيس معيار تي پورو نه لهندڙ گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿرڊ پارٽي لائبلٽي انشورنس جو نظام به شروع ڪيو آهي ته جيئن خدانخواسته حادثي جي صورت ۾ متاثرين کي وقت سر معاوضو فراهم ڪري سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته روڊن تي ٽريفڪ سيفٽي ۽ گاڏين جي چيڪنگ جو عمل مسلسل جاري آهي، خاص طور تي عيد ۽ ٻين ڏڻن جي موقعي تي سرپرائيز چيڪنگ ڪئي ويندي آهي. خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون آهن ۽ ڏنڊ به لڳايا ويا آهن. هن چيو ته فائر سيفٽي با

Related posts

میئر کراچی مرتضیٰ وہاب کا شہر میں جاری ترقیاتی کاموں کا معائنہ

ڈرافٹ میں کوئی غیر آئینی یا غیر قانونی مطالبہ شامل نہیں تھا: سہیل آفریدی نے مسودہ جاری کردیا

ايران کان 1979 ماڻهون پاڪستان داخل ٿي چڪا آهن: سرفراز بگٽي

Leave a Comment