
ڪوٽڏيجي: ڪوٽڏيجي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني جو راڪاس هڪ ڀيرو ٻيهر بي قابو ٿي ويو. حسين آباد وٽ هٿياربندن ناکابندي ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي ڦرلٽ ڪئي.
ذريعن موجب ڦورن پاران ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان فيصل گلزار ڀٽو مارجي ويو، جڏهن ته سندس دوست پڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.
واردات کان پوءِ هٿياربند ڏوهاري آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
هوڏانهن مقتول نوجوان فيصل گلزار ڀٽو جي وارثن ۽ علائقي واسين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي وئي.
مظاهرين مطالبو ڪيو ته قاتلن ۽ ڦورن کي فوري طور گرفتار ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
