
خيرپور: ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب پٺاڻ خيرپور ضلعي جي 49 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري رينج آفيس سکر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته معطل ٿيل اهلڪارن خلاف انڪوائري جو پڻ حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
معطل ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ آصف شيخ، نادر گُهنيو، فهيم عباس شر، محمد مراد، وسيم گوپانگ، علي مراد ڪلهوڙو، سليم ميتلو ۽ ٻيا شامل آهن.
ذريعن موجب، اهلڪارن خلاف مھراڻ هاءِ وي تي قائم پوليس پوائنٽن تان مبينا ڀتو وٺڻ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بناجواز تنگ ڪرڻ جون شڪايتون سامهون آيون هيون، جن جي بنياد تي ڊي آءِ جي سکر ڪارروائي ڪندي 49 اهلڪارن کي معطل ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ الزامن جي حقيقت سامهون ايندي ۽ ذميواري ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ قانوني ۽ محکماڻي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
