
ايس ايڇ او قابل ڀيو پاران ٿاڻي اندر نوجوان جي مبينا تذليل واري واقعي جو فيملي جج جناب لعل بخش پنهور صاحب جي عدالت نوٽيس وٺي ڇڏيو.
عدالت پاران ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي ايس پي گهوٽڪي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
عدالت جي نوٽيس کانپوءِ معاملي جي حقيقت سامهون اچڻ ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ جون اميدون وڌي ويون آهن.
