
پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 27 سيپٽمبر تي ممڪن لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي، پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت کي خط لکي فوج ۽ رينجرز جي تعیناتي جي درخواست ڪئي آهي.
ذريعن موجب خط ۾ پنجاب حڪومت راولپنڊي، اٽڪ، جهلم ۽ ميانوالي ۾ رينجرز جي تعينات جي درخواست ڪئي آهي.
پنجاب جي گهرو کاتي خط ۾ راولپنڊي ۾ فوج جي تعينات جي درخواست به ڪئي آهي. انهن علائقن ۾ فوج ۽ رينجرز جي تعينات جي درخواست 5 آڪٽوبر تائين ڪئي وئي آهي
