
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن کي وڌيڪ شفاف ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ هفتيوار بنيادن تي نئون فارمولو متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي۔
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم، فيلڊ مارشل، پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير جون گڏيل سفارتي ڪوششون هاڪاري نتيجا ڏئي رهيون آهن، جنهن جو فائدو جلد عوام تائين پهچايو ويندو۔
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم واضح هدايت ڏني آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ ٿيندڙ لاٿ جو سڌو سنئون فائدو عوام کي ملي۔ ان مقصد لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن جو هفتيوار جائزو وٺڻ ۽ نئون فارمولو تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي۔
علي پرويز ملڪ موجب، نئون فارمولو نه رڳو اگهن ۾ واڌ يا لاٿ جا سبب واضح ڪندو، پر عوام کي سمجهڻ ۾ به آساني فراهم ڪندو۔ هن ٻڌايو ته اهو فارمولو سڀني لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مشوري کانپوءِ حتمي شڪل ڏني ويندي، جيئن پاليسي وڌيڪ اثرائتي ۽ شفاف بڻجي سگهي۔
